هماعدنان جو برائيڊل شو، مشڪ ڪليم ڌيان جو مرڪز!

ڪراچي: ناليواي فيشن ڊزائينر هما عدنان جي برائيڊل شو ۾ مشڪ ڪليم رنگ ڄمائي ورتو

عالمي شهرت رکندڙ ماڊل ۽ عورتن جي ماهر ، مشڪ ڪليم ناليواي ڊزائنرهما عدنان جي برائيڊل شو ۾ دلڪش پرفارمنس سان محفل ۾ رنگ ڄمايو ۽ ويٺلن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي .

مقامي هوٽل ۾ هائوس آف امير عدنان هماعدنان جو سولو ايونٽ پيش ڪيو ، پهرين صف جي ماڊل مشڪ ڪليم شو اسٽاپر جي حيثيت سان هما عدنان جي برائيڊل شو ۾ هرپاسي ثقافتي رنگ وکيري ڇڏيا.

مشڪ ڪليم روايتي ڪنوار جي انداز ۽ منفرد پرفارمنس سان خوبصورتي سان اهو شو پنهنجي نالي ڪيو،ان ڪنوارشو۾ مڙني معياري آپريٽنگ طريقن ( ايس او پيز) جي سختي سان پابندي ڪئي وئي .

هما عدنان جو منفرد برائيڊل شو شادين جي موسم جي شروعات جي موقعي تي ماڻهن جي بي حد ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي.