رومانيا جي اسپتال ۾ باهه، 10 ڄڻا فوت

بخارسٽ: رومانيا جي اترين حصي ۾ هڪ اسپتال ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.
اها باهه انتهائي نگهداشت جي هڪ وارڊ ۾ ان وقت لڳي، جڏهن اتي ڪورونا وائرس سان متاثر مريضن جو علاج ٿي رهيو هو.
ان واقعي ۾ 7 ڄڻا سڙي زخمي به ٿيا آهن، جن ۾ هڪ ڊاڪٽر پڻ شامل آهي، جيڪو مريضن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
باهه جي واقعي ۾ انتهائي نگهداشت جو وارڊ مڪمل طور سڙي تباهه ٿي ويو، جڏهن ته باهه جا ڪارڻ معلوم ناهن ٿي سگهيا