دنيا ۾ ارڙيءَ سان ٿيندڙ فوتگين ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ

نيو يارڪ: دنيا ۾ ارڙيءَ سان ٿيندڙ فوتين جي انگ ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿي وئي.
گڏيل قومن موجب ارڙيءَ کان بچاءَ جي ويڪسين نه ملڻ سبب ان خطرناڪ بيماري جي پکيڙ ۾ ڳڻتيءَ جوڳي حد تائين واڌ ٿي وئي آهي.
صحت جي عالمي اداري چيو آهي ته گذريل سال ارڙي سان 2 لک 7 هزار کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون، اهو انگ 2016 ۾ ٿيندڙ فوتگين جي ڀيٽ ۾ 50 سيڪڙو وڌيڪ آهي.
گڏيل قومن ارڙي کان بچاءَ جا ڦڙا پيئارڻ جي مهم کي ڪورونا بحران جي نتيجي ۾ نقصان پهچڻ جي امڪانن تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو آهي، ڇو ته ڪورونا وائرس سبب ڪيترائي ماڻهو ارڙي جي ويڪسين کان محروم رهيا آهن.