نيب آفيس آڏو هنگامي وارو ڪيس: نواز ليگ اڳواڻ خواجه عمران نذير گرفتار

لاهور: نيب جي آفيس آڏو هنگامن واري ڪيس ۾ نامزد نواز ليگ ايم پي اي خواجه عمران نذير گرفتار، فيصل ٽائون جي پوليس خواجه عمران نذير کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته نيب آفيس آڏو پٿراءُ لاءِ عمران نذير جي گاڏي استعمال ڪئي وئي هئي، ڪيس ۾ ضمانت نه ٿيڻ تي کيس گرفتار ڪيو آهي، ليگي ايم پي اي عمران نذير کي فيصل ٽائون ٿاڻي کان چوهنگ ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو، نواز ليگ ايم پي اي جو چوڻ آهي ته کيس سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، حڪمرانن جي ٽڪساٽن کان ڊڄڻ وارا نه آهيون.