عدالت َآصف زرداري جي عبوري ضمانت ۾ 24نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ آصف زرداري جي شڪي ٽرانزيڪشن ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت َآصف زرداري جي عبوري ضمانت ۾ 24نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي، اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ضمانت واري درخواست ۾ ترميم جي به استدعا منظور ڪئي وئي، آصف علي زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ جو چوڻ هو ته آصف علي زرداري اڃان تائين اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، عدالت پاران فاروق ايڇ نائيڪ کي ايندڙ ٻڌڻي تائين ترميم ٿيل درخواست جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.