آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس: آغا سراج دراني تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

ڪراچي (رپورٽر) آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسيپڪر آغا سراج دراني تي اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو.ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن بابت ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻيءَ دوران آغا سراج دراني عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته نامزد جوابدار شمشاد خاتون بيمار هئڻ سبب عدالت ۾ نه آئي.وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته شمشاد خاتون بيمار آهي، ڊاڪٽر کيس ٻن هفتن جي آرام جو مشورو ڏنو آهي.جوابدار شمشاد خاتون نه اچڻ سبب فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو ۽ عدالت ٻڌڻي 9 نومبر تائين ملتوي ڪندي وڪيل کي هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدار شمشاد جي ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪئي وڃي..