وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪيپٽن صفدر واري معاملي تي اهم اجلاس

ڪراچي : وڏي وزير مراد علي شاهه ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري واري معاملي تي آگاهه ڪرڻ لاءِ پ پ پارلياماني پارٽي جو هنگامي اجلاس سڏائي ورتو. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي جا سمورا ميمبر ۽ پ پ سنڌ جا ميمبرز شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ وڏو وزير مراد علي شاهه ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري ۽ آءِ جي سنڌ واري معاملي تي سڀني ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺندو. واضح رهي ته ڪراچي ۾ جلسي کانپوءِ هوٽل جا دروازا ٽوڙي ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر کي گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن بابت وڏي وزير کي به آگاهي نه ڏني وئي هئي…..