وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان جي صدارت  هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ  ٿي رهيو آهي،اجلاس ۾ 12 نقاطي ايجنڊا تي غور ٿيندو. ذريعن مطابق ڪابينا ۾ ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا کي اسلام آباد  ۾ حد دخليون هٽائڻ بابت بريفنگ ڏني ويندي. اجلاس ۾ پي آءِ اي  بورڊ لاءِ ڊائريڪٽرز جي نامزدگي جي منظوري ڏني ويندي. ڪابينا سي ڊي اي جي نظرثاني ڪيل بجيٽ تي به غور کانپوءِ منظوري ڏني ويندي.