اتر وزيرستان ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام ،سڪيورٽي فورسز جَي آپريشن دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا

اسلام آباد :اتر وزيرستان جَي بويا وارَي علائقي ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻايو ويو. سڪيورٽي فورسز جَي آپريشن دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا. هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگرد ڀتي خوري، شهرين جَي قتل ۽ فورسز تي حملن ۾ ملوث آهن.