نيب جو هڪ ٻي انڪوائري ۾ طلبي نوٽيس ملندي ئي قائم علي شاهه عدالت پهچي ويو

ڪراچي : نيب جو هڪ ٻي انڪوائري ۾ طلبي نوٽيس ملندي ئي قائم علي شاهه عدالت پهچي ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وڏي وزير جي 5 لک رُپين جي مچلڪن عيوض عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي، قائم علي شاهه کي نيب سان جاچ ۾ سهڪار ڪرڻ جو حڪم،عدالت نيب جي اسپيشل پراسيڪيوٽر کي به نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا، نيب جو چوڻ آهي ته قائم علي شاهه تي ڪنڌڪوٽ ۾ ڪاليج جي زمين نجي پارٽي کي ڏيڻ جو الزام آهي، جاچ لاءِ کيس 25 سيپٽمبر تي طلب ڪيو ويو.