اقتصادي رابطا ڪميٽي اسٽيل ملازمن جي پگهارن جي ادائيگي لاءِ 3.85 بلين رپيا منظور ڪري ورتا

اسلام آباد؛ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي موجوده مالي سال ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي ملازمن جي پگهارن جي ادائيگي لاءِ 3.85 ارب رپيا منظور ڪيا آهن.
اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت کان رٽائرمينٽ ۽ بقايا جات بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي وئي.
ڪميٽي زلچي سرحد پار پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ افغانستان ڏانهن سامان جي برآمد جي لاءِ مقرر ڪيل جڳهه قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني.