اي پي سي ۾ نواز شريف جو خطاب ميڊيا تي ڏيکاريو ويو ته پيمرا ايڪشن کڻندو:شهزاد اڪبر

اسلام آباد : اي پي سي ۾ نواز شريف جو خطاب ميڊيا تي ڏيکاريو ويو ته پيمرا ايڪشن کڻندو، پيمرا کي پنهنجي ذميواري نڀائڻ گهرجي، وزيراعظم جي خصوصي معاون شهزاد اڪبر چيو آهي ته قانون ۾ روپوش ۽ اشتهاري ڏوهاري جو خطاب ميڊيا ۾ ڏيکارڻ تي پابندي آهي، وفاقي وزير شبلي فراز اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته هڪ ڏوهي شخص بيماري جو بهانو بڻائي پرڏيهه هليو ويو ۽ اتان اَي پي سي کي خطاب ڪندو، قانون آڏو پيش ٿيڻ جِي ڳالهه ٿئي ٿِي ته هو بيمار آهي.