ميڊونا پاران پنهنجي زندگي تي پاڻ ئي فلم ٺاهڻ جو اعلان

لاس اينجلس: آمريڪي گلوڪاره ميڊونا پنهنجي زندگي تي پاڻ ئي فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊونا پنهنجي ڪيريئر جي دوران 14 اسٽوڊيو البم مارڪيٽ ۾ آڻي چڪي آهي.ميڊيا رپورٽ موجب ميڊونا پنهنجي زندگي تي فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن جي مصنف ۽ هدايتڪاره پاڻ هوندي هن فلم جي لاءِ هڪ وڏي اسٽوڊيو سان گڏ تعاون ڪيو ويندو پر اڃان تائين هن فلم جو نالو فائنل نه ڪيو ويو آهي.ميڊونا هڪ تقريب ۾ ڳالهيون ڪندي چيو ته مان پنهنجي زندگي تي ٻڌل فلم کي پاڻ ئي لکندس ۽ ان جي هدايت به ڏيندس.هن چيو ته مان بطور گلڪاره، موسيقار ۽ ڊانسر هن دنيا ۾ اڳيان وڌڻ جي پنهنجي ڪوششن جي يقين نه ڪرڻ جوڳي سفر کي پاڻ ماڻهن تائين پهچائڻ چاهيان ٿي.