آمنه الياس ۽ داور محمود شاديءَ وارين خبرن جي وضاحت ڪري ڇڏي

ڪراچي:جلد ئي اسٽيج تي پاڪستان ٽيليوزن(پي ٽي وي) جي مشهور ڊرامي ”ان ڪهي) کي ٿيٽر تي پيش ڪندڙ اداڪاره آمنه الياس ۽ اداڪار داور محمود جي حوالي سان خبرون هيون ته هنن شادي ڪري ڇڏي آهي.
هڪ هفتو اڳ ميڊيا ۾ آيل خبرن ۾ ذريعن دعويٰ ڪئي هئي ته ٻنهي اداڪارن سادگي سان نڪاح ڪري ڇڏيو آهي.
خبر ۾ ٻنهي جو ڪو حوالو ڏيڻ بغير ان جي ويجهي ذريعن ٻڌايو هو ته ڪورونا سبب ٻنهي سادگي سان نڪاح کي ترجيح ڏني.
ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل خبرن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته نڪاح سان گڏ آمنه الياس جي رخصتي به ٿي وئي پر اهڙين خبرن کانپوءِ ٻنهي ان جي وضاحت ڪري ڇڏي آهي