ترڪي ۾ راز فاش ڪرڻ جي الزام ۾ 5 صحافين کي سزا

انقرا : استنبول جي هڪ عدالت راز فاش ڪرڻ جي الزام ۾ 5 ترڪ صحافين کي سزائون ٻڌائي ڇڏيون.
سزا ماڻيندڙن ۾ اپوزيشن جي آن لائن پليٽ فارم ”اوڊا ٽي وي“ جو چيف ايڊيٽر بارس پهليوان به شامل آهي، کيس 3 سال 9 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
انهن صحافين تي ليبيا ۾ مارجي ويندڙ ترڪ ڳجهي سروس ايم آءِ ٽي جي هڪ ملازم جي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو هو.