اليڪشن ڪميشن بلدياتي چونڊون ڪرائڻ لاءِ ڊيٽا ۽ نقشا سنڌ حڪومت حوالي ڪري ڇڏيا

ڪراچي : اليڪشن ڪميشن بلدياتي چونڊون ڪرائڻ لاءِ ڊيٽا ۽ نقشا سنڌ حڪومت حوالي ڪري ڇڏيا، اليڪشن ڪميشن نيون بلدياتي چونڊون ڪرائڻ لاءِ درخواست تي ٻڌڻي دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، جواب ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ بلدياتي ادارن جو مُدو 30 آگسٽ تي پورو ٿي چڪو آهي، اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته 120 ڏينهن واري طئه ٿيل مُدي ۾ مڪاني چونڊون ڪرائي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل آدم شماري جي نتيجن جي اڃا تائين منظوري نه ڏني آهي، نئين آدم شماري کانپوءِ سيٽس گهٽ وڌ ٿي سگهن ٿيون.