اپوزيشن جي رهبر ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو، اي پي سي جي تاريخ بابت صلاح مشورا ڪيا ويندا

اسلام آباد: اپوزيشن جي رهبر ڪميٽي جو اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ ٿيندو جنهن ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس جي تاريخ جي حوالي سان اهم صلاح مشورا ڪيا ويندا.

رپورٽ موجب اپوزيشن پارٽين جي رهبر ڪيٽي جو اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ اڪرم دراني جي رهائشگاهه تي ٿيندو. مسلم ليگ(ن) جو شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، مريم اورنگزيب جڏهن ته پيپلز پارٽي جو نيئر بخاري ۽ فرحت الله بابر شرڪت ڪندا.

مخالف ڌر جي 8 کان وڌيڪ ٻين پارٽين جا اڳواڻ به شرڪت ڪندا. رهبر ڪميٽي اي پي سي جو ايجنڊا طئي ڪندي. اجلاس ۾ فينف قانون جي حوالي سان گڏيل حڪمت عملي به طئي ڪئي ويندي. اجلاس جي ختم ٿيڻ کان پوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس به ڪئي ويندي.