پاڪستان جي پهرين ڊائلائسز مشين انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي سهڪار سان تيار

اسلام آباد: پاڪستان جي پهرين ڊائلائسز مشين انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي سهڪار سان تيار ڪئي وئي آهي.
رپورٽ مطابق ، پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ ، آءِ ٽي وزارت جي تعاون سان هڪ ڊائلائسز مشين تيار ڪئي وئي آهي.مشين ڪنهن به پريشاني کان سواءِ گهر ۾ مريضن کي ڊائلائسز ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهندي.
وفاقي وزير امين الحق چيو ته منظوري کانپوءِ مشين کي تجارتي بنيادن تي تيار ڪيو ويندو.