پي ٽي اي غير اخلاقي مواد نه هٽائڻ تي 5 موبائيل ايپلي ڪيشنز کي بلاڪ ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) نا مناسب مواد ختم نه ڪرڻ تي پنج ڊيٽنگ ۽ لائيو اسٽريمنگ ايپلي ڪيشنز بلاڪ ڪري ڇڏيون آهن.
پي ٽي اي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب اٿارٽي پنج ڊيٽنگ/لائيو اسٽريمنگ ايپلي ڪيشنز جن ۾ ٽنڊر (Tinder)، ٽيڊر (Tagger)، اسڪائوٽ (Skout)، گرينڊر (Grindr) ۽ سي هائي (Say Hi) شامل آهن کي بلاڪ ڪيو ويو آهي.
ڄاڻايل ايپلي ڪيشنز جي ذريعي غير اخلاقي ۽ غير مهذب ناڪاري اثرن کي نظر ۾ رکندي، پي ٽي اي ڄاڻايل پليٽ فارمز جي انتظاميا کي ڊيٽنگ خدمتن کي ختم ڪرڻ ۽ سڌو سنئون مواد جاري رکڻ کي پاڪستان جي مقامي قانون موجب ماڊريٽ ڪرڻ جي لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا