بلاول ڀٽو پاران گلگت بلتستان ۾ برساتن کان پوءِ ٿيندڙ نقصان تي ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد:   پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گلگت بلتستان ۾ برساتن کان پوءِ جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري گلگت بلتستان ۾ ٻوڏ، لينڊ سلائيڊنگ، قراقرم روڊ بلاڪ ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ تيز برساتن کان پوءِ بيٺل فصل ۽ باغ تباهه ٿي ويا.

موصلاتي نظام جي خرابي سبب ميڊيا کي نقصان رپورٽ ڪرڻ ۾ به پريشاني پيش آئي. بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته گلگت بلتستان ۾ عوام ۽ بنيادي ڍانچي جي حفاظت جي لاءِ اين ڊي ايم اي ۽ ٻين امدادي ۽ بحالي جي کاتن کي فوري فعال ڪري. 

وفاقي حڪومت ۽ گلگت بلستان جي حڪومت شهرين جي مدد لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قراقرم روڊ تي ٺهيل هڪ سرنگ ۾ ڏار پئجي ويا آهن. ان جي مرمت لاءِ فوري طور تي قدم نه کنيا ويا ته اها ڪري سگهي ٿي.

ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ ۾ سياحن ۽ مقامي ماڻهن جي جاني ۽ مالي نقصان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان حڪومت کي گلگت بلتستان جي شهرين جي ڏکن کي نظر انداز ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.