گذريل ڏينهن ايوان ۾ قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي: رضا رباني

اسلام آباد :سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته گذريل ڏينهن ايوان ۾ قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي،اپوزيشن بل جي رٿ ئي رد ڪري ڇڏي ته سيڪنڊ ۽ ٿرڊ ريڊنگ ڪيئن ڪرائي وئي؟رٿ رد ٿيڻ جي صورت ۾ بل پيش نٿو ڪري سگهجي. سينيٽ ۾ ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ سينيٽر رضا رباني چيو ته اينٽي مني لانڊرنگ ترميمي بل ۽وقف املاڪ بل جي ايوان اجازت نه ڏني آهي،هي بلز منظور ٿيا، نه ئي رد ڪيا ويا. رضا رباني چيو ته هي ٻئي بل ايوان ۾ التوا هيٺ آهن،هي بلز قومي اسيمبلي ۾ موڪلي نٿا سگهجن. سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين چيو ته بلز جي منظوري لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس به گهرائي نٿو سگهجي.