صبا قمر ۽ بلال سعيد جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

لاهور: سيشن ڪورٽ اداڪاره صبا قمر ۽ گلوڪار بلال سعيد جي 3 سيپٽمبر تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.
تفصيل موجب اداڪاره صبا قمر ۽ گلوڪار بلال سعيد جي عبوري ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي لاهور جي سيشن ڪورٽ ۾ ٿي.
وڪيل چيو ته سندن جان خطري ۾ آهي هو عدالت ۾ پيش نٿا ٿي سگهن ، عدالت گرفتاري کان اڳ ضمانت منظور ڪري.
سيشن ڪورٽ صبا قمر ۽ بلال سعيد جي حاضري کان استثنيٰ جي درخواست منظور ڪندي انهن جي عبوري ضمانت ۾ 3 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري کين 3 سيپٽمبر تي طلب ڪيو آهي.