رشوت ڏئي ڌيئرن کي ڪاليج ۾ داخلا ڏيارڻ تي امريڪي اداڪاره کي سزا

واشنگٽن: آمريڪا ۾ 2018ع جي آخر ۽ 2019ع جي شروعات ۾ ٿرٿلو مچائيندڙ ڪاليج ايڊمشن اسڪينڊل۾ آمريڪي عدالت مشهور اداڪارا 56 ورهين ج لوري لافلن ۽ سندس مڙس فيسن ڊيزائنر موسمو گيانولي کي رشوت ڏيڻ جي ڏوهه ۾ سزا ٻڌائي ڇڏي. خابرو اداري اي پي موجب ٻنهي مشهور شخصيتن خلاف آمريڪي رياست ميساچوٽس جي شهر بوسٽن جي ضلعي عدالت ۾ ڪورونا سبب وڊيو لنڪ ذريعي ٻڌڻي ٿي. لوري لافلن ۽ سندس مڙس موسمو گيانولي خلاف هڪ ئي عدالت ۾ رتيب وار ٻڌڻي ٿي عدالت پهريان مڙس کي 5 مهينا جيل جي سزا ٻڌائي جنهن کانپوءِ ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ عدالت اداڪارا کي به 2 مهينن لاءِ جيل موڪليو. ٻنهي زال مڙس اڳ ئي عدالت ۾ پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو هو ۽ هنن هيل تائين پنهنجي خلاف لڳايل الزامن تي ڪا وضاحت ۽ صفائي پيش ناهي ڪئي. مٿن الزام هو ته هنن پنهنجين ٻن جوان ڌيئرين کي يونيورسٽي آف سدرن ڪيلي فورنيا جي ڪاليج ۾ داخلا ڏيارڻ لاءِ 5 لک آمريڪي ڊالر رشوت ڏني هئي. ٻنهي عدالت ۾ ڪيس هلڻ کانپوءِ شروعات ۾ الزامن کي رد ڪيو جڏهن ته پوءِ ڏوهه جو اعتراف ڪيو هو. مٿن گذريل سال ئي آمريڪي انصاف واري کاتي فرد جرم لاڳو ڪري ڪيس جي شروعات ڪئي هئي.