ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري،شهري ٻوڏ جو خطرو

ڪراچي :ڪراچي ۾ به رات کان ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات وقفي وقفي سان جاري آهي، سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ اڄ ۽ سڀاڻي تيز برسات جي اڳڪٿي، شهري ٻــــوڏ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، شهر جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي، سرجاني ٽائون سميت ٻين علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي، ڪي اليڪٽرڪ جا ٽرپ ٿيل فيڊر بحال نه ٿي سگهيا،شهر جي مختلف علائقن کي بجلي فراهمي معطل بڻيل آهي.