ماهرا خان جو تنقيد ڪندڙن کي جواب

ڪراچي: پاڪستان جي مشهور اداڪارا ماهرا خان پاڻ تي تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏنو آهي. هن انسٽاگرام تي ماضي جي گاني جا ٻول شيئر ڪندي لکيو ته اري ميري انگني ۾ تمهارا ڪيا ڪام هي. ان سان گڏوگڏ هن لکيو ته پنهنجي ڪم سان ڪم رکو. ان کان اڳ اداڪارا هڪ بيان ۾ چيو هو ته گڏيل قومن جو مهاجرن بابت ادارو غير معمولي ڪم ڪري رهيو آهي جيئن متاثر ماڻهن جي زندگين کي محفوظ بڻائجي.