مهوش حيات واندڪائي دوران فلوفي ۽ اوريو سان وقت گذارڻ لڳي

پاڪستاني اداڪاره مهوش حيات واندڪائي وقت پنهنجي پالتو ڪتن جي جوڙي سان گڏ وقت گذارڻ لڳي هن فلوفي ۽ اوريو نالي ننڍن ڪتن کي پنهنجي سچي محبت به قرار ڏئي ڇڏيو آهي.ميڊيا رپورٽ موجب مهوش حيات پنهنجي پالتو ڪتن سان گڏ هڪ تصوير به سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي ۽ ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته آچر جي بور ڏينهن فلوفي ۽ اوريو سان وقت گذارڻ تمام سٺو لڳندو آهي. هن سچي محبت جو بيش ٽيگ ۽ اوسائن به استعمال ڪيو.سوشل ميڊيا تي صارفين ۽ اداڪاره جي مداحن ان جي تصوير کي تمام گهڻو پسند ڪيو ۽ دلچسپ تبصرا به ڪيا. قدرت جانورن ۾ سچي جذبات جو اظهار رکيو آهي جيڪي هو بنا ڪنهن بناوٽ جي ڪندا آهن.پالتو جانورن جي اهائي معصوميت انسان کي ان جي ويجهو آڻيندي آهي طوطي، ٻلي ۽ ڪتن سميت جانورن جي اهائي محبت ۽ معصوماڻيون ادائون انسان کي سٺيون لڳنديون آهن پر ڪڏهن ڪڏهن هي اهڙيون حرڪتون ڪندا آهن جو انسان مسڪرائيندو ئي رهجي ويندو آهي.