ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ اڄ کان سومر تائين برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي: موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر عبدالقيوم ڀٽو جو چوڻ آهي ته شهر ۾ اڄ شام کان برسات شروع ٿيندي ۽ شهر ۾ 20 کان 30 ملي ميٽر تائين بارش ٿيندي

عبدالقيوم ڀٽو جو چوڻ هو ته ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن ڪراچي ۾ گهڻي برسات پوندي ، جيڪا 40 کان 50 ملي ميٽر ٿي سگهي ٿي جڏهن ته هيٺاهن علائقن ۾ شهري ٻوڏ جو به خطرو آهي .

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هوا جي گهٽ دٻاءُ جو سسٽم وڌيڪ اڳتي وڌڻ سان برسات جي شدت ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو ۽ برسات 70 کان 80 ملي ميٽرن تائين به ٿي سگهي ٿي .

موسميات کاتي اهو به ٻڌايو ته برسات جو اهو سلسلو سومر ڏينهن تائين وقفي وقفي سان جاري رهندو