جي يو آءِ پاران سنڌ جي ورهاڱي وارين سازشن خلاف 20 آگسٽ تي مظاهرن جو اعلان

ڪراچي : جمعيت علماءَ اسلام سنڌ جي ورهاڱي وارين سازشن خلاف 20 آگسٽ تي صوبي ۾ مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو، راشد محمود سومرو چيو آهي ته سنڌ جي وحدت تي وار برداشت نه ڪيو ويندو، پيپلزپارٽي، تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪور ڪميٽي کي هو ڪنهن به صورت قبول نه ڪندا، ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري هر قدم جي مخالفت ڪئي ويندي.