پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي صدارت ۾ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي صدارت ۾ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿي گذريو، اي پي سي ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس دوران مرڪزي اڳواڻن جي وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي ، ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ جي سي اِي سي جَي اجلاس ۾ اهم فيصلا ٿيڻ جو امڪان آهي، اجلاس ۾ ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ وارين ڳالهين تي به غور، پشاور ۾ اي اين پي اڳواڻن سان گڏيل پريس ڪانفرنس دوران جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اپوزيشن ۾ اي پي سي سڏائڻ واري معاملي تي ڪي به اختلاف نه آهن، حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي، سمورين اپوزيشن پارٽيز جي موقف ۾ هڪجهڙائي هجڻ گهرجي، اسان ڪنهن به مايوسي جو شڪار نه آهيون، قوم آڏو واضح پلان رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، مارچ گذري ويو، هاڻي ملين مارچ رهجي ويو آهي.