موسميات کاتي پاران اڄ به ڪراچي ۾ برسات جا امڪان ظاهر

ڪراچي: موسميات کاتي اڄ به ڪراچي ۾ هلڪي برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. شهر جي مختلف علائقن ۾ رات  رات دير سان برسات جي اکٻوٽ جاري آهي.

جڏهن ته صبح جو سوير به تيز هوا سان گڏ برسات رڪارڊ ڪئي وئي. موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ اڄ به بوندا باندي ۽ هلڪي برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته شهر ۾ 24 ڪلاڪن جي دوران موسم رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب شهر جو گهٽ ۾ گهٽ  گرمي پد 20.5 ڊگري سينٽي گريڊ جڏهن ته وڌ کان وڌ گرمي پد 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته هوا ۾ نمي جو تناسب 71 سيڪڙو آهي ڏاکڻي مغرب کان هوا 27 کان 32 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهي آهي.