سوشل ميڊيا تي ميرا کي انگريزي ترجمي جو چيلينج

ڪراچي: پاڪستاني اداڪارا ميرا مختلف وقتن تي پنهنجي انگريزي سبب بحث هيٺ ايندي رهندي آهي ۽ هاڻي هڪ انٽرنيٽ صارف کي جملا انگريزي ۾ ترجمو ڪرڻ جو چيلينج ڏئي ڇڏيو آهي. ميرا گذريل ڏينهن نعمان اعجاز جي حمايت ۾ سندس تصوير پنهنجي اڪائونٽ تي شيئر ڪئي ته هڪ صارف کيس انگريزي ترجمو ڪرڻ جو چيلينج ڏنو. همراهه لکيو ته ميرا جي اوهان رڳو جملا انگريزي ۾ ترجمو ڪري ڏيکاريو مان اوهان کي مڃي وٺندس. صارف جي اهڙي تبصري تي ٻين صارفين سندس ڇنڊ پٽي ته ڪجهه وري ٽهڪ ڏيندي حمايت ڪئي.