ملڪ ۾ سون جي قيمتن ۾ لاٿ اچڻ جو سلسلو شروع

ڪراچي : ملڪ ۾ سون جي قيمتن ۾ لاٿ اچڻ شروع ٿي وئي . سون جي في تولي ۾ 3 هزار رپيا لاٿ ٿيڻ بعد سون في تولو هڪ لک 29 هزار رپيا ٿي ويو.گذريل هڪ هفتي دوران لڳاتار سون جي اگهن ۾واڌ سبب سون جا اگهه آسمان تائين پهچي ويا هئا.