ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري ، ڪرنٽ لڳڻ سبب6 ڄڻا فوت

ڪراچي : ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، ان سلسلي ۾مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان چوماسي جي برسات جاري، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات ۽ جهڙالي موسم بعد موسم خوشگوار ٿي وئي آهي، جوهي، ڦلجي اسٽيشن، پيارو لُنڊ ۽ ڀرپاسي تيز برسات کانپوءِ گرميءَ جو زور ٽٽي ويو، ڪوٽ غلام محمد، ڪرونڊي، جهول، ٺري ميرواهه، نندو، ٻانڌي، پڊ عيدن ۽ قاضي احمد ۾ ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات پئي، ميرپور خاص، پنو عاقل، سيوهڻ، ڦل، شاهپور چاڪر، سانگهڙ ۽ ٻين علائقن ۾ به وقفي وقفي سان برسات بعد موسم خوشگوار ٿي وئي، موسميات کاتي ڪراچي، ميرپور خاص ۽ حيدرآباد ڊويزن جي مختلف علائقن ۾ سڀاڻي تائين تيز برسات جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪندي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ شهري ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي جي لانڍي واري علائقي ۾ ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ نوجوان فيصل فوت ٿي ويو، ملير جي سعود آباد ۾ دڪان جو شٽر کولڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب بابر علي حياتي وڃائي ويٺو، لياري جي چاڪيواڙه ۾ پکي هلائڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان حياتي وڃائي ويٺو، بدين جي ڳوٺ نور محمد سومرو ۾ ناري آمنه سومرو پکو هلائڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿي وئي، ڍوري ناري ۾ به پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان صادق آريسر حياتي وڃائي ويٺو، ميرپور خاص جي سبزي منڊي برسان برسات دوران بجليءَ جي پول مان ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ 2 مينهون مري ويون، صوبائي وزير امتياز شيخ مختلف علائقن ۾ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ کان تفصيل طلب ڪري ورتا، امتياز شيخ چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو جي نااهلي جو نتيجو عوام کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي، متاثر لاڳاپيل انتظاميا خلاف ڪيس داخل ڪرائين ته حڪومت ساڻن سهڪار ڪندي.