وفاقي وزيرشفقت محمود جي صدارت هيٺ تعليم واري وزيرن جي ڪانفرنس ختم،15 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جي تجويز

اسلام  آباد: تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ تعليم واري وزيرن جي ڪانفرنس پڄاڻي تي پهتي .

سڀني صوبن ڪانفرنس ۾ اسڪول 15 سيپٽمبر کان کولڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

بين الصوبائي وزيرن جي ڪانفرنس ۾15 سيپٽمبر کان تعليمي ادارا کولڻ جو فيصلو برقرار رکيو ويو آهي .

ڪي پي ڪي حڪومت تعليمي ادارا پهرين سيپٽمبر کان کولڻ جي تجويز ڏني جنهن جي باقي صوبن مخالفت ڪئي جنهن کانپوءِ مڙني صوبن پاران 15 سيپٽمبر تي  ئي کولڻ جي تجويز ڏني وئي .

ڪانفرنس ۾ سڄي ملڪ ۾ هڪ جهڙي نصاب تي به صلاح مشورو ڪيو ويو،فيصلو ڪيو ويو ته سڀئي صوبا هڪ جهڙي نصاب بابت پنهنجون تجويزون موڪليندا