اسان مودي سرڪار جي فسطائيت تي ٻڌل نظرئي کي بي نقاب ڪيو:عمران خان

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت مودي سرڪار جي فسطائيت تي ٻڌل هندوتواجي نظرئي کي بي نقاب ڪيو آهي .

ڪشميرين سان ٻڌي لاءِ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ ڪشميري اڄ ڀارتي غاصباڻي قبضِي جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي استحصال جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن

استحصال واري ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ تقريبون ڪوٺايون پيون وڃن جن ۾ ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن کي بي نقاب ۽ ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد تي روشني وڌي پئي وڃي

استحصال واري ڏهاڙي تي ڪشميرين سان ٻڌي لاءِ وزيراعظم عمران خان اڄ مظفرآباد ويندو ۽ هو آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي کي به خطاب ڪندو

سوشل ميڊيا تي پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميري گذريل سال 5 آگسٽ کان ڀارت جي ظالماني ورتاءَ کي منهن ڏئي رهيا آهن

هن چيو ته ڀارت جو اهو قدم والاريل ڪشمير جي جاگرافيائي حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش جو سلسلو آهي