ڪراچي ۾ پوليس جي شهيدن جو ڏهاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

ڪراچي: سڄي ملڪ ۾ اڄ پوليس جي شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي ، جنهن جو مقصد پنهنجي فرضن نڀائڻ دوران جان جي قرباني ڏيندڙ پوليس اهلڪارن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ آهي .

ڪراچي ۾ پوليس جي شهيدن جي ڏهاڙي جي حوالي سان مختلف تقريبن جو سلسلو جاري آهي ، سنڌ پوليس پاران شهر جي مختلف جاين ۽ اهم شاهراهن کي شهيد اهلڪارن جي تصويرن سان سجايو ويو آهي

ڪراچي پوليس شهيدن جي ڏهاڙي تي ترانو به جاري ڪيو آهي ، تراني ۾ ڪراچي پوليس جي 870شهيدن جي خاندانن سان ٻڌي جو اظهار ڪيو ويو آهي

ترجمان ڪراچي پوليس موجب شهر جون روشنيون پوليس جي جوانن جي شهادت جو ثمر آهن