پاڪ انگلينڊ ٽيسٽ ميچ برسات سبب متاثر ٿيڻ جا امڪان

مانچسٽر: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ جي خلاف ٽيسٽ ميچ جي تيارين ۾ مصروف آهي. پهريون ميچ 5 آگسٽ تي شروع ٿي رهيو آهي.پاڪستان ۽ انگلينڊ جون ٽيمون مانچسٽر ۾ اربع تي پهرين ٽيسٽ ۾ آمهون سامهون ٿي رهيون آهن. قومي ٽيم پريڪٽس سيشن ۾ تيارين کي حتمي شڪل ڏئي رهي آهي.ڪوچنگ اسٽاف جو گهڻو دارومدار بيٽسمينن ۽ بالرن سان گڏ فيلڊنگ تي به آهي. پهريون ٽيسٽ ميچ برسات سبب متاثر ٿيڻ جي اڳڪي ڪئي وئي آهي.ان حوالي سان چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ پهرين ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن تي برسات پئجي سگهي ٿي جنهن سبب ميچ متاثر ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪيا ويا آهن