Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
ڏوهه

دنيا ۾ هر ڪلاڪ 5 عورتون پنهنجن ويجهن مائٽن هٿان قتل

شيئر ڪريو
دنيا ۾ هر ڪلاڪ 5 عورتون پنهنجن ويجهن مائٽن هٿان قتل

نيويارڪ : دنيا ۾ هر ڪلاڪ سراسري طور پنج عورتون پنهنجن مائٽن يا ويجهن رشتيدارن هٿان قتل ٿين ٿيون، جڏهن ته 2025ع دوران 47 هزار کان وڌيڪ عورتون ۽ نياڻيون قتل ڪيون ويون.
گڏيل قومن جي رپورٽ موجب، 2025ع دوران سڄي دنيا ۾ 47 هزار کان وڌيڪ عورتن ۽ نياڻين کي پنهنجن مائٽن يا ويجهن رشتيدارن هٿان قتل ڪيو ويو، جنهن جو مطلب آهي ته هر ڪلاڪ ۾ سراسري طور پنج عورتون قتل ٿيون.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آفريڪا ۾ عورتن ۽ نياڻين جي قتل جا سڀ کان وڌيڪ 22 هزار 100 واقعا رپورٽ ٿيا، جڏهن ته ايشيا 15 هزار 100 واقعن سان ٻئي نمبر تي رهيو.
ان کانسواءِ آمريڪا کنڊ ۾ 7 هزار 400، يورپ ۾ 2 هزار 100 ۽ اوشيانا ۾ 300 عورتن ۽ نياڻين جي قتل جا واقعا رپورٽ ٿيا.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%af%d9%86%d9%8a%d8%a7-%db%be-%d9%87%d8%b1-%da%aa%d9%84%d8%a7%da%aa-5-%d8%b9%d9%88%d8%b1%d8%aa%d9%88%d9%86-%d9%be%d9%86%d9%87%d9%86%d8%ac%d9%86-%d9%88%d9%8a%d8%ac%d9%87%d9%86-%d9%85%d8%a7%d8%a6/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون