ڏوهه خيبر ۾ پوليس ڪارروائي: اهم دهشتگرد ڪمانڊر سيف الله مارجي ويو

خيبر: خيبر جي علائقي باڙه ۾ پوليس ڪارروائي جي دوران اهم دهشتگرد ڪمانڊر سيف الله مارجي ويو.
ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر وقار احمد موجب باڙه ٿاڻي جي حد شيخان پل ۾ دهشتگرد ڪمانڊر جي موجودگي جي اطلاع تي پوليس ڪارروائي ڪئي، انهي دوران پوليس ۽ دهشتگرد ڪمانڊر جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن ۾ ڪمانڊر سيف الله مارجي ويو.
ڊي پي او ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگرد ضلع خيبر ۾ علي مسجد ٿاڻي جي حد ۾ ڪيترن ئي بم ڌماڪن ۽ پوليس چيڪ پوسٽن تي حملن جي ڪيسز ۾ نامزد ۽ سي ٽي ڊي کي گهربل هو.
ڊي پي او موجب مارجي ويل ڪمانڊر تازو ئي افغانستان مان ضلع خيبر منتقل ٿيو هو، اڄ باڙه کان پشاور منتقلي جي ڪوشش ۾ مارجي ويو.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%ae%d9%8a%d8%a8%d8%b1-%db%be-%d9%be%d9%88%d9%84%d9%8a%d8%b3-%da%aa%d8%a7%d8%b1%d8%b1%d9%88%d8%a7%d8%a6%d9%8a-%d8%a7%d9%87%d9%85-%d8%af%d9%87%d8%b4%d8%aa%da%af%d8%b1%d8%af-%da%aa%d9%85%d8%a7%d9%86/






