ڪراچي ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ سبب فوتين جو انگ 6 ٿي ويو، 13 ڄڻا گم

ڪراچي : ڪراچي جي ايڊمنسٽريشن سوسائٽي ۾ ڪِريل عمارت مان وڌيڪ ٻه لاش هٿ آيا آهن، جنهن کانپوءِ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو، جڏهن ته حادثي کانپوءِ 13 ڄڻا اڃا تائين گم آهن. وڏي وزير چيو آهي ته ڪراچي ۾ 143 عمارتون عدالتي حڪمِ امتناع باوجود تعمير هيٺ هيون، جن تي ڪم بند ڪرائي ڇڏيو آهي. ڪراچي ايڊمنسٽريشن سوسائٽي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي کانپوءِ اختيارين موجب شهر ۾ بنا اجازت تعمير ٿيندڙ 143 عمارتن کي سيل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته اربع ڏينهن 600 گز جي رهائشي پلاٽ تي ٺهيل ڇهه ماڙ عمارت ڪجهه ئي لمحن ۾ پٽ پئجي وئي هئي. عمارت جو منظور ٿيل نقشو گرائونڊ پلس ون جو هو، پر ان ۾ پنج اضافي ماڙ تعمير ڪيون ويون هيون، جڏهن ته ڇهين ماڙ جو ڪم اڃا مڪمل نه ٿيو هو.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%da%aa%d8%b1%d8%a7%da%86%d9%8a-%db%be-%d8%b9%d9%85%d8%a7%d8%b1%d8%aa-%da%aa%d8%b1%da%bb-%d8%b3%d8%a8%d8%a8-%d9%81%d9%88%d8%aa%d9%8a%d9%86-%d8%ac%d9%88-%d8%a7%d9%86%da%af-6-%d9%bf%d9%8a-%d9%88%d9%8a/






