ڪراچي ڪراچي ۾ دهشتگرديءَ جو وڏو منصوبو ناڪام، ايس آر اَي جا ٻه شَڪي ڪارڪن گرفتار، ڌماڪيدار مواد هٿ

ڪراچي: ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ڪراچي وفاقي ڳجهي اداري سان گڏيل ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم سنڌو ديش لبريشن آرمي (ايس ايل اي) جي ٻن اهم شڪي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن جي قبضي مان تيار حالت ۾ بارودي ڌماڪي وارو اوزار (آءِ اي ڊي) ۽ دستي بم هٿ ڪيا ويا آهن.
سي ٽي ڊي جي ترجمان موجب، گرفتار ڪيل جوابدارن جي سڃاڻپ مدد علي عرف علي ولد علي اڪبر ۽ جنيد علي عباسي ولد امان الله عباسي طور ٿي آهي. شروعاتي جاچ دوران جوابدارن انڪشاف ڪيو ته کين پابندي مڙهيل تنظيم ايس ايل اي طرفان هٿياربند سکيا ڏني وئي هئي.
سي ٽي ڊي اختيارين موجب، گرفتار جوابدار ڪراچي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، پوليس ۽ رينجرز جي اهم عمارتن ۽ آفيسن جي اڳواٽ جاچ ڪري انهن تي حملن جي رٿابندي ڪري رهيا هئا.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%da%aa%d8%b1%d8%a7%da%86%d9%8a-%db%be-%d8%af%d9%87%d8%b4%d8%aa%da%af%d8%b1%d8%af%d9%8a%d8%a1%d9%8e-%d8%ac%d9%88-%d9%88%da%8f%d9%88-%d9%85%d9%86%d8%b5%d9%88%d8%a8%d9%88-%d9%86%d8%a7%da%aa%d8%a7%d9%85/






