پاڪستان وزيراعظم شهباز شريف اصلي ۽ جعلي دوا جي سڃاڻپ ڪندڙ”محفوظ دوا“ موبائل ايپ جو افتتاح ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جعلي دوائن جي خاتمي ۽ عوام کي معياري دوائن جي فراهمي يقيني بنائڻ جي لاءِ متعارف ڪرايل”محفوظ دوا“ موبائيل ايپ جو باقاعده افتتاح ڪري ڇڏيو.
افتتاحي تقريب جي دوران هن انهي ايپ جي مدد سان دوا جي هڪ پيڪ کي اسڪين ۽ ڪيو ۽ انهي جا نتيجا شرڪت ڪندڙن کي ڏيکاريا.
تقريب کي خطاب ڪندي هن ماضي جي پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي جي جعلي دوائن جي اسڪينڊل جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته ماضي جي غلطين مان سبق سکي اسان ملڪ ۾ صحت جو نظام بهتر بنائي سگهون ٿا.
وزيراعظم انهي واقعي جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته اهو 2010 ۽ 2011 جي دور جي ڳالهه آهي جڏهن مان بطور خادم پنجاب خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هئس. انهي وقت پنجاب اسنٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي ۾ جعلي دوا جي استعمال سان تقريبن 100 پاڪستاني شهري ۽ بزرگ فوت ٿي ويا هئا تنقيد جا سمورا تير اسان جي طرف وڻ شروع ٿي ويا هئا.
شهباز شريف واقعي جا وڌيڪ تفصيل بيان ڪندي چيو ته مان فوري طور تي اهڙين دوائن جا نمونا ورتا ۽ بنا ڪنهن دير لنڊن، جنيوا ۽ پيرس جي عالمي شهرت يافته ليبارٽرين ۾ اماڻيا. انهي وقت جي وفاقي حڪومت فوري بيان ڏنو ته ڊريپ کان چيڪ ڪرايو ويو آهي دوائون بالڪل فائديمند آهن. سمورو قصور پنجاب حڪومت جو آهي پر جڏهن لنڊن، پيرس ۽ جنيوا جي لييبارٽرين تان رپورٽون آيون ته انڪشا ف ٿيو ته هي دل جون دوائون ئي نه آهن پر مليريا جون ناقص دوائون آهن جيڪي شديد دل جي بيماري ۾ مبتلا مريضن کي ڏنيون پئي ويون.
هن وڌيڪ چيو ته جنهن اداري ماضي ۾ انهي جعلي دوا کي محفوظ قرار ڏنو هو، اڄ انهي اداري(ڊريپ) صحيح معنيٰ ۾ محفوظّ دوا جي سڃاڻپ جي لاءِ هي ايپ ٺاهي آهي جيڪا ماضي جي غلطين جو بهترين ازالو آهي. هن ايپ جي فائدي تي ڳالهيون ڪندي چيو ته انهي ۾ 3 اهم خصوصيتون شامل ڪيون ويون آهن: دوا فائمديند آهي يا جعلي آهي، انهي دوا جي سرڪاري قيمت ڪيتري آهي ۽ ٽئين ڳالهه اها ته دوا دستياب آهي يا نه؟ اهو تمام بهترين شاندار انٽروينشن آهي.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ تعليم، صحت جون سهولتون به هر شهري لاءِ برابر هجڻ گهرجن. پاڪستان ۾ لکين خاندانن لاءِ دوائن کي حاصل ڪرڻ وڏو چيلينج آهي. اشرافيه پاڪستان جي مهانگي ترين اسپتالن ۾ علاج ڪرائي سگهن ٿيون، غريب مشڪل سان روزي روٽي ڪمائي ٿو، دوائون حاصل ڪرڻ انهي لاءِ تمام گهڻو مشڪل آهي.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ذاتي مفاد کان مٿانهون ٿي اهڙو قدم کنيو ويو آهي جنهن کي تاريخ هميشه ياد رکندي. مصطفيٰ ڪمال، شزا فاطمه ۽ انهي جي ٽيم به مبارڪباد جي مستحق آهي. وزارت صحت ۽ ڊريپ جي ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن جو چوڻ هو ته ماضي جي غلطين جو ازالو ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ پاڪستان جي طبي سهولتن کي هٿي ڏيڻ بابت انتهائي شاندار لمحو آهي. جعلي ۽ غير معياري دوائن جي روڪٿام لاءِ اهم ڊجيٽل قدم کنيو ويو آهي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%88%d8%b2%d9%8a%d8%b1%d8%a7%d8%b9%d8%b8%d9%85-%d8%b4%d9%87%d8%a8%d8%a7%d8%b2-%d8%b4%d8%b1%d9%8a%d9%81-%d8%a7%d8%b5%d9%84%d9%8a-%db%bd-%d8%ac%d8%b9%d9%84%d9%8a-%d8%af%d9%88%d8%a7-%d8%ac%d9%8a-%d8%b3/






