ڏوهه ڪراچي پوليس: هڪ هفتي ۾ 42 مقابلا، 894 جوابدار گرفتار

پوليس ترجمان موجب ڪراچي پوليس گذريل هفتي 894 کان وڌيڪ جوابدار گرفتار ڪيا ۽ 150 غير قانوني هٿيار، 44 موٽر سائيڪلون ۽ منشيات هٿ ڪئي.
هفتي دوران 42 مقابلا ٿيا جن ۾ ڇهه مبينه ڌاڙيل مارجي ويا ۽ 57 گرفتار ڪيا ويا، جن مان 38 زخمي هئا.
سنڌ پوليس جي مرڪزي آفيس جي انگن اکرن موجب جنوري کان جون 2026 تائين 16 هزار 463 ڏوهه رڪارڊ ٿيا جيڪي گذريل سال کان 0.49 سيڪڙو وڌيڪ آهن، پر اسٽريٽ ڪرائم ۾ 11.77 سيڪڙو گهٽتائي آئي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/karachi-police-weekly-report-894-arrests/






