ڪاروبار اي ڊي بي پاران پاڪستان لاءِ 25 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري

اسلام آباد: ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) پاڪستان لاءِ 25 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي. بئنڪ موجب قرض پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ ملڪ ۾ نجي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو. اي ڊي بي موجب مالي سهڪار سان پائيدار ترقياتي منصوبن جي تياري، سيڙپڪاري لائق منصوبن جي سڃاڻپ ۽ معياري انفراسٽرڪچر جي تعمير ۾ مدد ملندي. منصوبي تحت وفاقي سطح تي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ نجڪاري جي شعبن کي هڪٻئي سان ڳنڍڻ سان گڏ چئن وفاقي وزارتن ۽ ادارن ۾ خصوصي يونٽ قائم ڪيا ويندا. بئنڪ موجب 2026ع کان 2030ع تائين جي وچولي مدي واري سيڙپڪاري منصوبن جي پائپ لائن پڻ منظور ڪئي ويندي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%a7%d9%8a-%da%8a%d9%8a-%d8%a8%d9%8a-%d9%be%d8%a7%d8%b1%d8%a7%d9%86-%d9%be%d8%a7%da%aa%d8%b3%d8%aa%d8%a7%d9%86-%d9%84%d8%a7%d8%a1%d9%90-25-%da%aa%d8%b1%d9%88%da%99-%da%8a%d8%a7%d9%84%d8%b1-%d9%82/






