ڪراچي ڪراچي: عمارت ڪرڻ جو واقعو، وڏي وزير ڊي جي ايس بي سي اي کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو، 16 آفيسر معطل

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ جي واقعي تي سيڪريٽري بلديات کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي جي ايڊمن سوسائٽي ۾ عمارت ڪرڻ جي واقعي تي اجلاس ٿيو جنهن دوران سنڌ جي وڏي وزير سيڪريٽري بلديات ۽ ڊي جي ايس بي سي اي وسيم شمشاد کي ٻنهي عهدن تان هٽائي ڇڏيو ۽ وفاقي حڪومت کي وسيم شمشاد کي معطل ڪري انڪوائري جي سفارش ڪئي.
ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير بلڊنگ جي لاڳاپيل 16 آفيسرن کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ عمارت جي مالڪ ۽ بلڊر کي گرفتار ڪرڻ سميت عمارت جي آرڪيٽيٽ ۽ انجنيئر کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
ترجمان ٻڌايو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير ڊي سي ايسٽ نصرالله عباسي ۽ ايس ايس پي ايسٽ زبير شيخ کي به عهدي تان هٽائي ڇڏيو. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير عمارت ڪرڻ تي ناراضگي ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته انڪوائري کان پوءِ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو ڪوبه ملازم ملوث هجي ته بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%da%aa%d8%b1%d8%a7%da%86%d9%8a-%d8%b9%d9%85%d8%a7%d8%b1%d8%aa-%da%aa%d8%b1%da%bb-%d8%ac%d9%88-%d9%88%d8%a7%d9%82%d8%b9%d9%88%d8%8c-%d9%88%da%8f%d9%8a-%d9%88%d8%b2%d9%8a%d8%b1-%da%8a%d9%8a-%d8%ac/






