پاڪستان سيڪيورٽي فورسز جون بلوچستان ۾ ڪارروايون، 12 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي: بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين دوران ڀارتي پٺڀرائيءَ ۾ سرگرم 12 دهشتگرد مارجي ويا آهن.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب 20 نومبر کان بلوچستان جي نوشڪي، سبي، پنجگور ۽ ڪيچ ضلعن ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروايون ڪيون ويون.
آءِ ايس پي آر موجب 20 نومبر تي نوشڪي ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته سندن قبضي مان هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو. 21 نومبر تي سبي ۾ دهشتگردن جي چرپر روڪڻ دوران ٻن دهشتگردن کي ماريو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب 22 ۽ 23 نومبر تي پنجگور ۽ ڪيچ ضلعن ۾ ڪيل ٻن الڳ ڪاررواين دوران دهشتگردن جا ٻه ٿاڪ تباهه ڪيا ويا، جڏهن ته ٻن دهشتگردن کي پڻ انجام تائين پهچايو ويو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪارروايون جاري آهن
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%b3%d9%8a%da%aa%d9%8a%d9%88%d8%b1%d9%bd%d9%8a-%d9%81%d9%88%d8%b1%d8%b3%d8%b2-%d8%ac%d9%88%d9%86-%d8%a8%d9%84%d9%88%da%86%d8%b3%d8%aa%d8%a7%d9%86-%db%be-%da%aa%d8%a7%d8%b1%d8%b1%d9%88%d8%a7%d9%8a/






