صحت ڪراچي ايسٽ ۾ پوليو ڪيس، هن سال ملڪ ۾ تعداد ست ٿي وئي

پوليو جي خاتمي لاءِ قائم نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر سومر تي ٻڌايو ته ڪراچي جي ضلعي ايسٽ جي ڇهن مهينن جي ٻار ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي.
اٽڪل ٻن سالن کانپوءِ ڪراچي مان سامهون آيل هي پهريون ڪيس آهي. هن سال جي ستن ڪيسن مان پنج خيبر پختونخوا ۽ ٻه سنڌ مان رپورٽ ٿيا.
هن سال چئن مهمن ۾ ساڍا چار ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن کي ڦڙا پياريا ويا. ايندڙ ملڪ گير مهم 2 کان 8 نومبر تائين هلندي، جنهن ۾ 97 ضلعن جي لڳ ڀڳ ٻه ڪروڙ 40 لک ٻارن کي هدف بڻايو ويو آهي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/polio-case-karachi-east-seventh-2026/






