Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
ڪاروبار

پيٽروليم قيمتن ۾ گهٽتائي: گڊز ٽرانسپورٽ ڀاڙا گهٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

شيئر ڪريو
پيٽروليم قيمتن ۾ گهٽتائي: گڊز ٽرانسپورٽ ڀاڙا گهٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سموري ملڪ ۾ پيٽروليم قيمتن ۾ گهٽتائي کان پوءِ گڊز ٽرانسپورٽ به ڀاڙن ۾ به گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

صدر آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد ملڪ شهزاد اعواڻ حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي واري فيصلي جي آجيان ڪندي سموري پاڪستان ۾ گڊز ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ 5 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ملڪ شهزاد اعواڻ چيو ته گذريل 20 ڏينهن جي دوران پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي کي نظر ۾ رکندي گڊز ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ 5 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ واري قدم جي آجيان ڪريون ٿا.

هن چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان  سڌو سنئون پاڪستاني عوام کي فائدو پهچندو آهي. اميد آهي ته وزيراعظم پاڪستان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪري عوام کي رليف فراهم ڪندو.

ملڪ شهزاد اعواڻ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو ته ٽرانسپورٽ سيڪٽر تي لڳايل  ٽول ٽيڪس، ود هولڊنگ ٽيڪس ۽ ٻين ٽيڪسن ۾ فوري طور تي رليف فراهم ڪيو وڃي. ڊسمبر ۽ آگسٽ جي ملڪ گير ٽرانسپورٽ هڙتالن جي دوران وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن طرفان ڪيل واعدن تي فوري عملدرآمد ڪيو وڃي.

هن اميد ظاهر ڪئي ته وزيراعظم پاڪستان ۽ وفاقي، صوبائي حڪومتون عوام ۽ ٽرانسپورٽ سيڪٽر کي وڌيڪ رليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻندا. پاڪستان جي معيشت، صنعت، واپار ۾ گڊز ٽرانسپورٽ جو ڪردار انتهائي اهم آهي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%be%d9%8a%d9%bd%d8%b1%d9%88%d9%84%d9%8a%d9%85-%d9%82%d9%8a%d9%85%d8%aa%d9%86-%db%be-%da%af%d9%87%d9%bd%d8%aa%d8%a7%d8%a6%d9%8a-%da%af%da%8a%d8%b2-%d9%bd%d8%b1%d8%a7%d9%86%d8%b3%d9%be%d9%88%d8%b1/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون