Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
سنڌ

نون صوبن لاءِ ريفرنڊم ڪرائڻ سان فائدو حاصل نه ٿيندو، اهو صرف پئسن جو زيان ٿيندو: مراد علي شاهه

شيئر ڪريو
نون صوبن لاءِ ريفرنڊم ڪرائڻ سان فائدو حاصل نه ٿيندو، اهو صرف پئسن جو زيان ٿيندو: مراد علي شاهه

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آحي ته نون صوبن جي لاءِ ريفرنڊم ڪرائڻ سان ڪوبه فائدو حاصل نه ٿيندو.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ڪجهه ماڻهو اوچتو سامهون اچي وڃن ٿا ته اسان کي صوبا ٺاهڻا آهن، جڏهن اوهان اچو ٿا ته اوهان کي تنقيد به برداشت ڪرڻي پوندي آهي، اسان به ته تنقيد برداشت ڪندا آهيون.

هن چيو ته ريفرنڊم جي لاءِ مون سان ڪنهن به نه ڳالهايو آهي، ٻيون سوال اهو آهي ته ريفرنڊم ڪهڙي شيءِ جي لاءِ آهي؟ مون کي لڳي ٿو ته اهو ريفرنڊم پئسن جو نقصان آهي جنهن جو مقصد ڪجهه به نه آهي. انهي کان پوءِ اوهان کي هونئن به آئيني طريقي تي هلڻو آهي، ريفرنڊم مان ڪوبه فائدو حاصل نه ٿيندو، انهي سان ڪنهن به مسئلي جو حل نظر نٿو اچي.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جيڪي شيون آئين ۾ واضح موجود آهن انهن تي عمل ڪرڻ گهرجي، صوبائي حدن جي تبديلي صوبائي اسيمبلي جي منظوري کان سواءِ نٿي ٿي سگهي، اسان پهرين ڏينهن ئي پنهنجو نقطه نظر ڏئي ڇڏيو هو. مراد علي شاهه چيو ته جيڪڏهن اوهان کي لڳي رهيو آهي ته اسان اسٽيبلشمينٽ جي دٻا ۾ اچي نئون بلدياتي قانون ٺاهي رهيا آهيون ته اهو غلط آهي، تنقيد هر ڪو ڪري سگهي ٿو، پر اهو اسان جي منشور ۾ اڳ ئي شامل هو.

هن جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ هن وقت 123 عمارتون عدالتي حڪم امتناع تي بڻجي رهيون آهن، حڪومت اهڙين سمورين عمارتن تي ڪم روڪرائي ڇڏيو آهي، عدالت کان درخواست ڪئي آهي ته 15 ڏينهن ۾ اهڙين عمارتن جو فيصلو ڪريو، جيڪڏهن توهين عدالت ٿي ته منهن ڏيڻ لاءِ به تيار آهيان.

سنڌ جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ ري سيٽ ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا آهيون، ايس بي سي اي ۾ 17 ماڻهن جي نشاندهي ۽ ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%86%d9%88%d9%86-%d8%b5%d9%88%d8%a8%d9%86-%d9%84%d8%a7%d8%a1%d9%90-%d8%b1%d9%8a%d9%81%d8%b1%d9%86%da%8a%d9%85-%da%aa%d8%b1%d8%a7%d8%a6%da%bb-%d8%b3%d8%a7%d9%86-%d9%81%d8%a7%d8%a6%d8%af%d9%88-%d8%ad/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون