سنڌ سنڌ حڪومت 5 پي ايس پي آفيسرن کي بلوچستان نه اماڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي: سنڌ حڪومت 5 پي ايس پي آفيسرن کي بلوچستان نه اماڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب سنڌ حڪومت 5 پي ايس پي آفيسرن کي بلوچستان نه اماڻن جي فيصلي بابت وفاقي حڪومت کي خط لکي آگاهي ڏئي ڇڏي آهي.
خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بدلي ڪيل آفيسر مختلف ضلعن ۾ بطور ايس ايس پي مقرر آهن، صوبائي حڪومت اهڙن آفيسرن جون خدمتون سنڌ ۾ جاري رکڻ چاهي ٿي، اهڙن آفيسرن ۾ مٽياري، سکر، ٽنڊومحمدخان، حيدرآباد ۽ ڄامشورو جا ايس ايس پيز شامل آهن.
خط موجب اهڙن آفيسرن جي بدلي سنڌ حڪومت سان مشاورت کان سواءِ ڪئي وئي آهي، اهڙن آفيسرن ۾ ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ، ايس ايس پي ڄامشورو ظفر صديق، ايس ايس پي سکر احمد فيصل، ايس ايس پي مٽياري عبدالعليم بلو ۽ ايس ايس پي ٽنڊومحمدخان حسيب ميمڻ شامل آهن.
سنڌ حڪومت جي خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آفيسرن جي بدلي سول سروس رولز 1954 ۽ سنڌ رولز آف بزنس جي ڀڃڪڙي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي آفيسرن کي ريليو ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%b3%d9%86%da%8c-%d8%ad%da%aa%d9%88%d9%85%d8%aa-5-%d9%be%d9%8a-%d8%a7%d9%8a%d8%b3-%d9%be%d9%8a-%d8%a2%d9%81%d9%8a%d8%b3%d8%b1%d9%86-%da%a9%d9%8a-%d8%a8%d9%84%d9%88%da%86%d8%b3%d8%aa%d8%a7%d9%86/






